سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
آتش فشان: ٻرندڙ جبل، جنهن جي اندران باهه جا اُلا ۽ وگهريل مادو (لاوا- Lava) زور سان ٻاهر اُڀامي ۽ آسپاس جي جهنگن ۽ آباديءَ کي ڀسم ڪري ڇڏي. آتش فشان کي انگريزي ۾Volcano چوندا آهن. پر اهو اطالوي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ باهه جو ديوتا آهي. جيئن ته زمين جي اندر گرم ۽ پٽڙو مادو موجود هوندو آهي، جيڪو وقت بوقت زمين مان ڦاٽي نڪرندو آهي، پر جڏهن ان گرم مادي تائين پاڻي پهچندو آهي ته اهو ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ٻاڦ ئي اها قوت آهي، جيڪا ٻين مادن ۽ گئس کي ٻاهر ڌڪيندي آهي، تنهنڪري جتان به کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ ملندي آهي ته ڌماڪا ڪري پاڻ سان گڏ زمين اندر زهريلين گئسن، پٿرن، وگهريل لوهه ۽ گندرف به گڏ ڪڍندي آهي. اهڙي عمل بعد هو ٿڌو ٿي ڄمي ويندو آهي ۽ سالن جي وقفي بعد وري اهڙو عمل ٿيڻ ڪري جبل ٺهي پوندو آهي، جنهن جي مٿان هڪ چوٽي ٺهي ويندي آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Carter چون ٿا. ان ئي ڍير يا جبل کي آتش فشان چئبو آهي. دنيا ۾ ڪجهه اهڙا به جبل ملن ٿا جيڪي هزارين سال اڳ ٻرندڙ جبل هئا، انهن کي هاڻي مرده آتش فشان (Extinct) چيو وڃي ٿو. جاپان جو فيوجي جبل به ڪنهن زماني ۾ آتش فشاني ڪندو هو. ڪجهه جبل ماٺيڻا هوند....وڌيڪ پڙهو